ڪابل – 19 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن ڪابل جي صدارتي محل پهچي ويو جتي افغان صدر اشرف غني وزيراعظم عمران خ??ن ۽ سندس وفد جي آجيان ڪئي صدارتي محل پهچڻ تي وزيراعظم کي افغان هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ??را??ا وڄايا ويا جنهن کانپوءِ وزيراعظم افغان صدر سان گڏ گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو. افغان صدر اشرف غني ۽ وزيراعظم عمران خ??ن پنهنجي وفدن جو تعارف ??را??و. صدارتي محل ۾ وزيراعظم جي اعزاز ۾ باضابطه آجياڻي واري تقريب منعقد ڪئي وئي، ان کان اڳ ڪابل پهچڻ تي افغان جو پرڏيهي وزير محمد حنيف اتمر ۽ افغان صدر جو پاڪستان لاءِ خصوصي نمائندو محمد عمر دائود زئي ۽ سينئر عملدارن وزيراعظم عمران خ??ن ۽ سندس وفد جي آجيان ڪئي.