اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بنيادي صحت جي سستي سهولتن جي هر شهري تائين پهچ حڪومت جي اولين ترجيح آ??ي، حڪومت سرڪاري اسپتالن ۾ نظام جي بهتري سان گڏوگڏ نجي اسپتالن کي سستي زمين فراهم ڪري رهي آهي ته جيئن ??ري?? خاندانن ۾ ڪو به علاج کان محروم نه رهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم جو صحت وارو خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان پڻ موجود هو.