صوابي – 14 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ پهريون ڀيرو محروم علائقن کي نمائندگي ملي آهي، مخالف ڌر کلي دل سان سينيٽ چونڊن جي نتيجن کي ??سليم ڪري. باجا ۾ اسڪول ۽ گئس منصوبي جي افتتاحي تقريب ??ي وڏي ميڙ کي ??طاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته مخالف ڌر حڪومت سان عوامي ڀلائي جي قانونسازي ۾ تعاون ڪري. سينيٽ ۾ اوپن بيلٽ جو اسان جو مطالبو 2013ع کان هو. اسان ڀرپور ڪوشش ڪئي ته سينيٽ چونڊن کي ??فاف بڻائڻ جي لاءِ قانونسازي ڪريون. مخالف ڌر جيڪڏهن اوپن بيلٽ جو اسان جو مطالبو مڃي وٺي ها ته اڄ ڪنهن کي نتيجن تي خدشا نه هجن ها. صادق سنجراڻي ۽ مر??ا آفريدي بلوچستان ۽ اڳوڻي فاٽا جي محرومين جو ازالو ڪندا. پارليامينٽرينز سان جيڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش آيو ان جي لاءِ سينيئر پارليامينٽرينز جي ڪائونسل قائم ڪئي آهي. سينيئر پارليامينٽرينز ڪائونسل قائم ڪرڻ جو مقصد پارليامينٽ ??ي وقار کي ??رقرار رکڻ آهي. تعليمي سڌارا اسان جي اهم ايجنڊا آهي جنهن تي 2013ع کان ڪم جاري آهي.