اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جو دورو ڪيو، جتي ??يس ايي پي پي جي ايم ڊي طارق ??حمود پاران اي پي پي جي معاملن، نيوز سروسز ۽ ٻين معاملن بابت بريفنگ ڏني وئي. مملڪتي وزير اي پي پي جي مختلف نيوز سروسز ۽ شعبن جو دورو پڻ ڪيو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اي پي پي رياستي ميڊيا جو اهم حصو آ??ي جيڪو نه رڳو پاڪستان پر دنيا ۾ پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ڪري رهيو آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف واحد پارٽي آ??ي جنهن اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ميڊيا تي ??نهن به قسم جو سينسر ناهي لڳايو.