اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڌرتي تي ر??ندڙ هر انسان کي ??احول دوستي جو فرض ادا ڪرڻو پوندو، وقت جي پڪار آهي ته انسانيت عالمي اتحاد بڻائي ماحول جو تحفظ ڪري، وڌندڙ عالمي گرمي پد، ٻ??لن جي گهٽتائي، گليشيئرز جو پگهرجڻ وڏا خطرا آهن، ع??ران خان پهريون ماحول دوست وزيراعظم آهي ۽ عالمگير تحريڪ هلائي ر??يو آهي، وزيراعظم جي ماحول کي بهتر بڻائڻ، وڻ لڳائڻ جي ڪوششن جو عالمي سطح تي اعتراف ڪيو ويو آهي. ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان نوجوانن ۽ دنيا کي احساس ڏياري ر??يو آهي ته ماحول بهتر بڻائڻ ڪيترو ضروي آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو وڻڪاري ۽ ماحول دوستي کي ??اليسي سطح تي ايتري ڌيان ۽ محنت سان فروغ ڏنو پيو وڃي، اهو سلسلو جاري ر??يو ته پاڪستان ۾ ماحولياتي شعبي ۾ نمايان نتيجا نظر ايندا، هن چيو ته هن سال ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي ميزباني جو شرف پاڪستان کي ??لڻ دراصل پاڪستان جي ماحول دوست قدمن جو عالمي سطح تي اعتراف آهي.