اسلام آباد – 19 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان واضح ڪيو آهي ته ??اڪستان افغانستان مان آمريڪي خوج جي نڪرڻ کانپوءِ سرحد پار دهشتگردي جي خاتمي جي ڪاررواين جي ??اء?? آمريڪا کي پنهنجي سرزمين استعمال ڪرڻ جي هرگز اجازت نه ڏيندو. اها ڳالهه هن آمريڪي ٽيليويزن کي هڪ انٽروي?? ۾ ??ئي جيڪو اڄ آچر ڏينهن شام 6 وڳي نشر ڪيو ويندو. وزيراعظم عمران خان کان ”ايگزياس ??ن ايڇ بي او“ ۾ جوناٿن سوان سوال ڪيو ته ڇا توهان آمريڪي حڪومت جي القاعده، آءِ ايس آءِ ايس يا طالبان جي خلاف سرحد پار دهشتگردي جي خاتمي جي ڪاررواين جي ??اء?? پاڪستان ۾ سي آءِ اي جي موجودگي جي اجازت ڏيندا؟ جنهن تي وزيراعظم عمران خان چيو ته بلڪل نه، اسان پاڪستاني سرزمين تان افغانستان ۾ ڪنهن به قسم جي ڪارروائي يا اڏا ڏيڻ جي هرگز اجازت نه ڏينداسين. انٽرويو ڪندڙ حيران ٿي پنهنجو سوال ورجايو ۽ پڇيو ته ڇا توهان اها ڳالهه سنجيدگي سان چئي رهيا آهيو جنهن تي وزيراعظم واضح ڪري ڇڏيو ته ??اڪستان قطعي طور ان جي اجازت نه ڏيندو.