ڪوئيٽا – 03 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي حوالي سان گوادر کي خصوصي اهميت حاصل آهي، جاگرافيائي جي حوالي سان بلوچستا?? سينٽرل ايشيا تائين پهچ جو بهترين ذريعو آهي جنهن سان وچ ايشيائي ملڪن سان معاشي ۽ واپاري موقعا وڌائڻ جا روشن امڪان آهن. صدر چيو ته سي پيڪ جي ڏس ۾ اسان کي نئين نسل کي جديد هنر سيکارڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. اهڙن خي??لن جو اظهار هن گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ پارليامينٽرينز سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي بلوچستان جو گورنر سيد ظهور احمد آغا ۽ وڏو وزير ڄام ڪمال خان پڻ موجود هئا. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب ملاقات دوران صوبي ج?? مجموعي امن امان جي صورتحال، جاري ت??قياتي منصوبن، سرحدي واپار، بارڊر مارڪيٽون قائم ڪرڻ، لينڊ ڊيجيٽلائي??يش?? مئنيجمينٽ، نئين ليبر قانونن، صوبي ۾ سياحت جي فروغ ۽ خطي ۾ رونما ٿيندڙ معاشي ۽ سياسي ت??ديلين تي تفصيلي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي. پارليامينٽرينز سان ڳالهائيندي صدر چيو ته بلوچستان ۾ زراعت، ماهيگيري ۽ لائيو اسٽاڪ جي ت??قي جا ڀرپور موقعا موجود آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان صحيح رخ ۾ قدم کڻون ۽ دستياب وسيلن جي محتاط استعمال کي يقيني بڻايو وڃي.