اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي قومي سلامتي معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته افغانستان جي معاملي تي ماضي جي غلطين مان سکندي اڳتي وڌيو وڃي، افغانستان کي اڪيلو ڇڏڻ سان هڪ نئون بحران جنم وٺي سگهي ٿو، طالبان سان رابطن ذريعي مخلوط ۽ معتدل حڪومت قائم ڪرڻ ۽ انساني حقن جي احترام کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو، دنيا افغانستان مان پناهگيرن جي هجرت ۽ ممڪن انساني بحران کي روڪڻ جي لاءِ ڪم ڪري. هو افغانستان جي صورتحال تي ڳالهائي رهيو هو. هن افغانستان جي مسئلي جو تاريخي پس منظر، آمريڪا سميت عالمي طاقتن جي ڪردار ۽ پا??ستان کي افغان تڪرار جي ??ري پهچندڙ نقصانن ۽ ان جي قربانين کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته 90ع جي ڏهاڪي ۾ پڻ پا??ستان افغانستان جي مسئلي جي حل لاءِ مڪمل تعاون فراهم ڪيو ۽ خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ قربانيون ڏنيون پر افغانستان ۾ ڊگهي جنگ ۽ بدامني ۽ پناهگيرن جي اچڻ جي ??ري پيدا ٿيندڙ وڏن مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پا??ستان کي نه رڳو اڪيلو ڇڏيو ويو پر بعد ۾ پابنديون پڻ هنيون ويون. هن چيو ته افغانستان مڪمل تباهي جو شڪار هو جن حالتن ۾ طالبان سامهون آيا. معيد يوسف چيو ته ماضي ۾ عالمي طاقتن پاران پا??ستان ۽ افغانستان کي اڪيلو ڇڏڻ هڪ تمام وڏي غلطي هئي جنهن جي ??ري افغانستان ۾ خال پيدا ٿيو جنهن کي ڀرڻ جي لاءِ القاعده جهڙين تنظيمن جڳهه ٺاهي. هن چيو ته نائن اليون کانپوءِ پڻ پا??ستان جي مسئلن ۾ اضافو ٿيو، آمريڪي حملي کانپوءِ پناهگيرن جو دٻاءُ هڪ ڀيرو ٻيهر پا??ستان تي آيو، پا??ستان جي لاءِ وڌيڪ مسئلا پيدا ٿيا جڏهن ته ان دوران جڏهن پا??ستان کي اولهندي سرحد تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت هئي اوڀر سرحد تي ڀارت به پنهنجي چرپر وڌائي ڇڏي جنهن جي ڪري پا??ستان کي هڪ ئي وقت اولهندي ۽ اوڀرندي سرحدن تي مصروف ڪيو ويو، ان صورتحال ۾ ڀارت جي ڪردار کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، هن مصنوعي بحران ڇو پيدا ڪيو. هن چيو ته آمريڪا ۽ يورپ دهشتگردن جي خلاف جنگ ۾ پا??ستان جي قربانين کان آگاهه آهن. هن چيو ته 50 لک افغان پناهگيرن جي پا??ستان اچڻ سان گڏ عسڪريت پسندن ۽ جنگجوئن پڻ پنهنجو رستو ٺاهيو ۽ پا??ستان هڪ اهڙي جنگ جو حصو بڻجي ويو جنهن سان ان جو ڪو واسطو نه هو، ان جنگ ۾ پا??ستان 80 هزار کان وڌيڪ جانين جي قرباني ڏني ۽ ان جي معيشت کي 152 ارب ڊالر جي نقصان کي برداشت ڪرڻو پيو آهي، دنيا ۾ ڪنهن ٻئي ملڪ اي??ري وڏي قيمت ادا ناهي ڪئي، سڄي ملڪ ۾ هزارين فوجي آپريشنز ڪيا ويا. معيد يوسف چيو ته پا??ستان کي 20 سالن کان سرحد پار کان دهشتگردي جو مسئلو درپيش آهي، اهو ئي سبب آهي جو پا??ستان افعان سرحد تي خاردار تار لڳائڻ جي ڳالهه ڪئي پر آمريڪا دلچسپي نه ورتي ۽ افغانستان پاران ان جي مخالفت ڪئي وئي، اسان باضابطا ويزا نظام جي ڳالهه ڪندا رهياسين پر ان وقت جي افغان حڪومت پاران مخالفت ڪئي ويندي رهي آهي، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته مسئلن جي حل ۾ ڪير سنجيده آهي ۽ ڪير نه. هن چيو ته دنيا جي لاءِ آسان آپشن آهي ته 90ع جي ڏهاڪي جون غلطيون ورجايون ويون ته انهن پاليسين جا نتيجا به اهڙا ئي نڪرندا، اسان کي گهرجي ته پنهنجي ماضي جي غلطين مان سبق حاصل ڪريون ۽ بهتر مستقبل طرف وڌون. معيد يوسف چيو ته اسان دنيا کي چئي رهيا آهيون ته هڪ عام افغان جي لاءِ افغانستان سان رابطا رکي، افغانستان ۾ هڪ مخلوط حڪومت، افغانستان جي صورتحال جي ڏس ۾ انساني حقن جو احترام، بحران کان بچڻ جي لاءِ گورننس ۽ معاشي سپورٽ ۽ عالمي سطح تي معاشي منصوبابندي هجڻ گهرجي. هن چيو ته هي موقعو ضايع نه ڪرڻ گهرجي ڇو ته طالبان پاران صحيح وقت تي صحيح بيان سامهون آيو آهي، اهي قانوني جواز چاهين ٿا، ان لاءِ اسان جي خيال ۾ هي موقعو آهي ته انهن سان رابطا قائم ڪيا وڃن، اميد آهي انهن رابطن سان ضرور ڪو امڪان پيدا ٿيندو. هن چيو ته عالمي برادري ۾ هر ڪو اهو چئي رهيو آهي ته پناهگيرن جي آمد جي لاءِ تيار رهڻ گهرجي پر ڇا دنيا افغانستان جي مقروض نه آهي ته ان ملڪ ۾ انساني بحران ۽ پناهگيرن جي آمد کي روڪي سگهجي، اسان افغانين سان گڏجي ان بحران کي روڪڻ جي لاءِ ڪم ڇو نه ??ري رهيا آهيون ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻايون ته صورتحال ضابطي کان ٻاهر نه وڃي. هن افغانستان مان نڪرڻ جي حوالي سان چيو ته جيڪڏهن دنيا افغانستان کي اڪيلو ڇڏي ڏنو ته ان جو نتيجو اتي سيڪيورٽي خال جي صورت ۾ سامهون ايندو ۽ عالمي دهشتگردن کي اتي پهچڻ جو موقعو ملندو، جيڪڏهن گورننس جو بحران پيدا ٿئي ٿو ته معيشت به بحران جو شڪار ٿيندي، ان صورتحال ۾ ممڪن آهي ته نئين جنگ ڇڙي وڃي ۽ غيرقانوني معيشت وجود ۾ اچي جنهن جي نتيجي ۾ يقينن انساني بحران پيدا ٿيندو. هن چيو ته طالبان سان رابطا قائم ??ري هڪ مخلوط نظام قائم ڪرڻ جي راهه هموار ??ري سگهجي ٿي، اهڙي طرح هڪ معتدل حڪومت قائم ڪرڻ ۽ انساني حقن جي احترام کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو ۽ هڪ نئين انساني بحران کان بچي سگهجي ٿو.