اسلام آباد_12 سيپٽمبر (اي پي پي)پرڏيهي وز??ر مخدوم شاه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ڊنمارڪ سا?? ٻه طرفا لڳاپن کي خاص اهميت ڏئي ٿو، ڊنمارڪ جي حڪومت پاڪستان ۾ سيڪيورٽي ۽ وبائي صورتحال ۾ بهتري ڏسندي پاڪستان لاءِ سفري هدايت نامي تي نظر ث??ني ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊنمارڪ جي پرڏيهي وز??ر جيب ڪوفوڊ سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو، ٻنهي پرڏيهي وز??رن وچ۾ ٻه طرفا لاڳاپن ۽ افغانستان جي موجوده صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي،مخدوم شاه محمود قريشي چيو ته پاڪستان، ڊنمارڪ سا?? ٻه طرفا لاڳاپن کي خاص اهميت ڏئي ٿو ۽ انهن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي، هن پنهنجي ڊنمارڪ جي هم منصب کي افغانستان سان مختلف ملڪن جي سفارتي عملي، عالمي تنظيمن، ميڊيا ۽ ٻين ماڻهن کي محفوظ طريقي سان ڪڍڻ لاءِ پاڪستان جي مدد کان آگاه ڪيو، ڊنمارڪ جي پرڏيهي وز??ر جيب ڪوفوڊ ڪابل مان ڊنمارڪ جي شهرين کي حفاظت سان ڪڍڻ ۾ ڀرپور مدد جي فراهمي تي پرڏيهي وز??ر مخدوم شاه محمود قريشي جو شڪريو ادا ڪيو، شاه محمود قريشي ڊنمارڪ جي حڪومت تي زور ڀريو ته پاڪستان ۾ سيڪيورٽي۽ وبائي صورتحال ۾ بهتري کي ڏسندي پاڪستان لاءِ سفري هدايت نامي تي نظر ث??ني ڪري، ان موقعي تي هن پنهنجي هم منصب کي پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت ڏني، جنهن کي هن شڪريو ادا ڪندي قبول ڪيو ۽ جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جو اشارو ڏن??، جڏهن ته هن پڻ مخدوم شاه محمود قريشي کي ڊنمارڪ جي دوري جي دعوت ڏني.