اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ??يو آهي ته چونڊن ۾ ڌانڌلي جي لعنت جي خاتمي لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) ٽيڪنالاجي جو استعمال مستقل حل آهي ۽ ان سان چونڊن جي وڃايل ساک ٻيهر بحال ٿيندي، اسان جي م??ڪ ۾ چونڊن جي ضرورتن موجب روز??ني جي بيناد تي 2 هزار کان وڌيڪ اي وي ايم مشينون تيار ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي، جيڪي ماڻهو اي وي ايم جي مخالفت ڪري رهيا آهن انهن کي گهرجي ته چونڊن ۾ فراڊ کي روڪڻ لاءِ ڪا نئين تجويز ڏين. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪست??ن تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي قيادت ۾ حڪومت اي وي ايم جي معاملن تي هر ڀيري مخالف ڌر کي ڳالهين جي دعوت ڏئي چڪا آهيون پر هنن ڪڏهن به ان معاملي کي سن??يده ناهي ورتو ۽ ناجائز اعتراض اٿاريا. فرخ حبيب ??يو ته پي ٽي آءِ جي سياست جو بيناد صرف احتساب ۽ شفافيت آهي، انهي سلسلي ۾ موجوده حڪومت مستقبل ۾ چونڊن ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻي رهي آهي، اي وي ايم جي مخالفت ڪندڙ م??ڪ ۾ صاف ۽ شفاف چونڊن جي خلاف آهن. هن چيو ته مخالف ڌر قومي يا عالمي ماهرن کي گهرائي اي وي ايم بابت پنهنجا خدشا ختم ڪري اسان کي ڪو به اعتراض نه آهي، اليڪشن ڪميشن اي وي ايم جي خلاف مزاحمت ڪرڻ بدران چونڊ پولنگ جي حق ۾ ڪم ڪري.