اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان ڪمبوڊيا لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير ظهير الدين بابر ٿهيم پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير ڪمبوڊيا لاءِ سفير نامزدگي تي ظهير الدين بابر ٿهيم کي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته سندس سفير طور نامزدگي سان پاڪستان ۽ ڪمبوڊيا جي وچ ۾ ٻطرفا ر??بط?? وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. پرڏيهي وزير نامزد سفير کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مذهبي سياحت ۽ اقتصادي ر??بط?? وڌائڻ جي هدايت ڪئي. ڪمبوڊيا لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير ظهير الدين بابر ٿهيم پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي ان جي اعتماد تي پو??و لهڻ جي خ??طري ڪرائي.