اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ايران ا??م مسلمان ۽ ڀائر پاڙيسري ملڪ آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهرا تاريخي، لساني، مذهبي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن، پاڪستان جيو اقتصادي خوشحالي ۽ علائقائي رابطن جي فروغ کي خاص اهميت ڏي ٿو، پاڪستان کان ترڪيءَ ۽ آذربائيجان تائين عالمي روڊ ٽرانسپورٽ سان پوري اي سي او خطي کي فائدو پهچندو. اهڙن خيالن جو اظهار صدر ڊاڪٽر عارف علوي ترڪمانستان جي دوري دوران ا??ران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي سان اشڪ آباد ۾ ملاقات دوران ڪيو. صدر عارف علوي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۽ معيشت جي ٻطرفي مڪينزم جا باقاعده اجلاس ضروري آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپا وڌائڻ جي لاءِ وسيع امڪان موجود آهن ۽ اقتصادي تع??ون تنظيم علائقائي رابطن جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. صدر چيو ته معاشي تع??ون ۽ علائقائي رابطا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ??ي لاءِ اقتصادي تع??ون تنظيم کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، ملاقات دوران ا??غانستان جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ٻئي ملڪ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ ??ا خواهشمند آهن. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفو تع??ون ۽ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي صدرن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ لاڳاپن ۽ ٻطرفي تع??ون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستان ۽ ايران جا ٻطرفا واپاري ۽ معاشي لاڳاپا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. صدر ايراني صدر کي تازو ئي اليڪشن ۾ ڪاميابي ۽ عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پڻ ڏني ۽ ڪشمير مسئلي تي ايران جي اصولي موقف تي ايراني صدر جا ٿورا مڃيا. صدر ايران جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت کي ورجايو ۽ ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي پڻ صدر کي ايران جي دوري جي دعوت ڏني.