اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان آبي وسيلن واري وفاقي و??ير چوڌري مونس الاهي ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخ??وم خسرو بختيار ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان ۾ چيو ويو ته ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال کانسواءِ اتحادي پارٽين ۽ حڪومت جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن ۽ گڏيل تعاون تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.