اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته گذريل چار سال پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ صرف عمران خان، ڪارٽلز ۽ م??في??ز جا کيسا ڀريا ويا، ملڪ کي عمران خان لميٽڊ ڪمپني جي طور تي هلايو ويو. پي ٽي آءِ ا??وا?? فواد چوڌري جي ٽوئيٽ تي پنهنجي رد عمل ۾ هن چيو ته گذريل چار سال و??يراعظم جو اختيار عوام کي بکيو، غريب ڪرڻ، معاشي تباهي ۽ ڪشمير فروشي لاءِ استعمال ٿيو، پيٽرول، بجلي، گئس، دوائون، اٽو، کنڊ، پٽاٽا، بصر، تيل سوچيل سمجهيل حڪمت عملي تحت مهانگو ڪيو ويو، هن چيو ته سوچيل سمجهيل سازش حڪمت عملي تحت ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪيو ويو، عوام نالائقن، چورن ۽ م??في?? کي موقعو نٿي ڏي، هي حقيقت سمجهن عوام سڀ ڄاڻي ٿي.