اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي)صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي ڪٽنب سان ٽيليفون تي رابطو ڪري تعزيت جو ا??ها?? ڪيو. سومر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر مملڪت شهيد نائيڪ تاج محمد ۽ لانس نائيڪ امتياز احمد جي گهر ڀاتين سان افسوس جو ا??ها?? ڪيو. ٻئي 15 نومبر تي ضلعي باجوڙ جي علائقي هلال خيل جي حملي ۾ شهيد ٿيا. صدر مملڪت شهيدن جي والدين سان ڳالهايو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اوهان جي پُٽن جون خدمتون ڪڏهن به وِساري نه سگهبيون، قوم وطن جي به??در پُٽن کي خراجِ عقيدت پيش ڪري ٿي. صدر مملڪت دُعا ڪئي ته الله تعاليٰ سندن روح کي ابدي سڪون عطا ??رم??ءِ. هن چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي جي باقيات جي مڪمل خاتمي تائين اسان جون ڪوششون جاري رهنديون.