اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) وزي??اع??م شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي ميرانشاهه ۾ خودڪش ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي آهي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م حوالدار محمد امير ۽ هڪ شهري جي شهادت تي افسوس ۽ گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي. وزي??اع??م چيو ته مسلمان?? تي خودڪش حملو ڪندڙ مسلمان نه ٿا ٿي سگهن، دهشتگرد دشمنن جا ٻانهن ٻيلي آهن جيڪي پاڪستان کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ چاهين ٿا، پاڪستاني عوام جي رت جي هر ڦڙي ??و حساب وٺنداسين، ڏوهارين کي عبرت جو نشان بڻائينداسين. وزي??اع??م چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون آهن، شهيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا جن ملڪ تي پنهنجون جانيون قربان ڪري ڇڏيون. وزي??اع??م شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.