اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تاجڪستان سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ڀا??ر ملڪن جي ترقي جي لاءِ واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ قدم کن??ا وڃن، پاڪستان ”ويزن وچ ايشيا“ پاليسي تحت سمورن وچ ايشيائي رياستن سان بهتر، نتيجاخيز ۽ پائيدار ر??بط?? قائم ڪرڻ چاهي ٿو، پاڪستان وچ ايشيا س??ن سياسي، اقتصادي ۽ توانائي جي شعبن ۾ ر??بط?? مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، ڪاسا 1000 توانائي منصوبو ويزن وچ ايشيا جو هڪ اهم جز آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي تاجڪستان جي لاءِ نامزد سفير محمد سعيد سرور سان ڳالهائي رهيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان جا تاجڪستان سان گهرا تاريخي ۽ ثقافتي ر??بط?? آهن، تاجڪستان ۾ پاڪستان جو سفير توانائي ۽ واپاري لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري، نامزد سفير تاجڪستان ۾ پاڪستان جي اميج کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪري. صدر ٻنهي ملڪن جي تعليمي ادارن جي وچ ۾ علمي ر??بط?? قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته تاجڪ شاگرد ورچوئل يونيورسٽي ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي تعليمي مواد تائين پهچ حاصل ڪري فائدو کڻي سگهن ٿ??. صدر ڀا??ت جي اقليت دشمن ۽ مسلمان دشمن پاليسين کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ڀا??تي سيڪيورٽي فورسز پاران ڀا??ت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪيل ظلمن کي پڻ اجاگر ڪيو وڃي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي محمد سعيد سرور کي تاجڪستان ۾ بطور پاڪستان جي سفير مقرري تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته نامزد سفير ڀا??ر ملڪ تاجڪستان سان ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري.