اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي س??ل 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) ۾ بين الصوبائي رابطن واري وزارت جي 14 جاري ۽ 3 نئين منصوبن جي ??اءِ هڪ ارب 90 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. جاري س??ڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) موجب وزارت جي 14 جاري منصوبن جي ??اءِ هڪ ارب 70 ڪروڙ رپيا جڏهن ته 3 نئين منصوبن جي ??اءِ 20 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. اسلام آباد ۾ سائوٿ ايشين گيمز 22 – 2021ع منعقد ڪرڻ جي ??اءِ پاڪستان اسپورٽس ڪمپليڪس جي اپ گريڊيشن ۽ بحالي جي ??اءِ 61 ڪروڙ 17 لک رپيا، اسلام آباد، فيصل آباد، واهه ڪينٽ، پشاور، ڪوئيٽا، مظفرآباد ۽ سوات ۾ هاڪي ٽرف جي تبديلي جي ??اءِ 25 ڪروڙ رپيا، ميگا ايونٽس ۾ شرڪت جي ??اءِ فارن ڪوچز جون خدمتون حاصل ڪرڻ ۽ اوزارن جي خريداري جي ??اءِ 10 ڪروڙ رپيا، پاڪستان اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ بائيو مڪينيڪل ليب قائم ڪرڻ جي ??اءِ 12 ڪروڙ رپيا ۽ اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ رستن، فٽ پاٿ، مين گيٽ ۽ سيڪيورٽي س??ٽم جي بحالي ۽ تعمير جي ??اءِ 10 ڪروڙ 35 لک رپيا رکيا ويا آهن، قومي رانديون منعقد ڪرڻ جي ??اءِ 15 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن.