اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عورتن جي مال?? خودمختياري جي لاءِ هنرمندي، ڊيجيٽل ۽ مالياتي شموليت وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته نجي شعبي ۾ عورتن جي لاءِ روزگار جا موقعا وڌائڻا پوندا، ان سلسلي ۾ قابل قدر مهارتن جي فراهمي جي لاءِ هنرمندي جي ادارن سان رابطو قائم ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وومين بزنس نيٽ ورڪ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت سام علي دادا ڪري رهي هئي. صدر چيو ته عورتن جي مال?? خودمختياري جي لاءِ هنرمندي، ڊيجيٽل ۽ مالياتي شموليت وڌائڻ لازمي آهي. عورتن کي معيشت جي سمورن شعبن ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي هن چيو ته عورتن ۽ ڇوڪرين جي تعليم صنفي برابري ۽ ملڪي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جو اهم جز آهي، پرائيويٽ سيڪٽر ۾ عورتن جي لاءِ روزگار جا موقعا وڌائڻا پوندا. هن چيو ته عورتن کي قابل قدر مهارتن جي فراهمي جي لاءِ هنرمندي جي ادارن سان رابطا قائم ڪيا وڃن، سائنس، ٽي??نا??اجي، انجنيئرنگ ۽ رياضي جي شعبن ۾ عورتن جي مهارت ۽ تعليمي ترقي اهم آهي، عورتن کي ڪاروباري ۽ معاشي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي ترغيب ڏيڻ جي لاءِ ڪامياب عورتن جي ڪهاڻين کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر صنفي فرق ختم ڪرڻ جي لاءِ عملي ۽ با??عن??ٰ قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته عورتن جي ماليات?? خودمختياري جي لاءِ معاشي سرگرمين جي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪرڻو پوندو. وفد صدر کي عورتن کي سماجي ۽ اقتصادي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. صدر عورتن کي نوڪ??ي فراهم ڪرڻ، مالي شموليت جي قدمن تي وومين بزنس نيٽ ورڪ کي ساراهيو.