اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ڏکڻ ا??شيا بابت ڊائريڪٽر جنرل جي سطح تي مشاورت جو ٽيون دور بيجنگ ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل (ڏکڻ ا??شيا) الياس محمود نظامي پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي جڏهن ته چيني وفد جي سربراهي ڊائريڪٽر جنرل (ايشيائي معاملا) پرڏيهي وزارت ليو جنسونگ ڪئي. ٻنهي ڌرين ڏکڻ ا??شيا ۽ وسيع تر خطي ۾ ٿي??دڙ اڳڀرائي تي خيالن جي مٽاسٽا ڪئي. ڳالهه ٻولهه ۾ گڏيل ??فه??م تفهيم ۽ گڏيل خيالن جو اظهار ڪيو ويو. بيجنگ جي دوري دوران ڊائريڪٽر جنرل الياس نظامي معاون پرڏيهي وزير نونگ رونگ سان پڻ ملاقات ڪئي جتي پاڪ چين لاڳاپن جي مثبت رخ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.