اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) وزيراع??م جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ??اڪٽر فرودس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ سموريون اتحادي پارٽيون ملڪي ترقي ۽ عوامي خوشحالي جي قومي ايجنڊا تي متفق آهن، اتحاد ۽ يڪجهتي سان هر محاذ تي پاڪستان جي مفادن جي تحفظ ڪنديون، اتحادين کي گڏ کڻي هلنداسين، قومي ترقي جو عمل انهن کي اعتماد ۾ وٺي مشاورت سان اڳتي وڌائينداسين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته موقف جي اختلاف تي مخالف ڌر ۾ خ??ش ٿيندڙن جي اميدن تي هڪ دفعو ٻيهر پاڻ?? ڦرڻ وارو آهي.