ڪوالالمپور – 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قانون جي حڪمراني پاڪستان ۾ وڏو مسئلو رهيو آهي، بااثر ماڻهن، هڪ هٺي گروپ ۽ سياسي مافيائون پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهن ٿيون ۽ مرضي سان قيمتون وڌائي ڇڏين ٿا ۽ غريب جو ??ستحصال ڪن ٿا، پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي لاءِ اسان کي ان جو مقابلو ڪرڻو آهي، مهاتير محمد اسان جي لاءِ رول ماڊل آهي، ملائيشيا جو معاشرو تحمل ۽ برداشت سان مالامال ??هي، ڪوالالمپور سربراهه اجلاس جو مقصد سڄي دنيا ۾ اسلامو فوبيا جو گڏيل مقابلو ڪرڻ هو، مسلمان دنيا جي قيادت اولهه کي اسلام جو ??قيقي چهرو ڏيکارڻ ۾ ناڪام رهي آهي، انتهاپسند پروپئگنڊه جي ذريعي نوجوانن کي گمراهه ڪيو پيو وڃي، دهشتگردي جو ??سلام سان ڪو تعلق ??ه آهي. انسٽيٽيوٽ آف ايڊوانس اسلامڪ اسٽڊيز ۾ اهم خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان بابت قائداعظم محمد علي جناح جو ويزن منهنجو ويزن آهي.