اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کاڌي پيتي جي شين ۾ ملاوٽ جو سختي سان نوٽيس وٺندي ملاوٽ جي خلاف ايمرجنسي لاڳو ڪري نيشنل ايڪشن پلان هڪ هفتي ۾ جوڙڻ جي ??دايت ڪندي چيو آهي ته کاڌي پيتي جي شين ۾ ملاوٽ ڪندڙ اسان ج?? عوام ۽ خاص طور تي اسان جي ??ارن جي صحت ۽ زندگين سان کيڏي رهيا آهن جنهن جي ڪن??ن به صورت ۾ اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، ه?? هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ ضرورت جي شين مثال طور ڪڻڪ، کنڊ ۽ ٻين فصلن جي طلب ۽ پهچ جي ڪاٿن ۽ طلب ۽ پهچ کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان ٺوس منصوبابندي جي ??اءِ قائم ڪيل خصوصي سيل قائم ڪرڻ جو عمل تيز ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سڄي ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي ??يمتن جي جائزي، پرائس ڪن??رول، ذخيره اندوزي، ناجائز منافعي خوري ۽ ملاوٽ جي روڪٿام جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس دوران ڪيو.