اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت جون جي مهيني ۾ 1000 آڪسيجن بيڊز فر??هم ڪندي، جولاءِ ۾ ان انگ ۾ اضافو ڪيو ويندو، اس??تالن جي عملي جي ضرورتن جي حوالي سان پڻ جائزو ورتو ويو، جنهن کي اڄ شام جو حتمي شڪل ڏني ويندي. منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر اين سي او سي جي اجلاس جي صدارت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اجلاس ۾ ڪورونا جي حوالي سان انتظام?? جو جائزو ورتو ويو آهي. ڪورونا جي م??يضن جي انگ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي جنهن جي ڪري وڏن شهرن جي اس??تالن تي پريشر وڌي رهيو آهي. ان کي نظر ۾ رکندي وفاقي حڪومت جون جي مهيني ۾ هڪ هزار بيڊز جن ۾ آڪسيجن جي سهولت پڻ شامل آهي اهي صوبن کي ڏيڻ جي ذميواري کنئي آهي.