اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان کي صاف ۽ سرسبز بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي پوري قوم ۽ خاص طور تي نوجوانن تي زور ڏنو ته هو وڻڪاري مهم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺن، ٻوٽا لڳائڻ سان گ??وگڏ انهن جي حفاظت تي به خصوصي ڌ??ان ڏنو ويندو، ان حوالي سان نئين نسل وڌيڪ باشعور آهي، قدرتي ماحول جي تحفظ لاءِ سمورن شهرن جا ماسٽر پلان جوڙيا ويندا، عيدالاضحيٰ تي ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ احتياطي تدبيرن تي سختي سان عملدرآمد ڪرايو ويندو، ان سلسلي ۾ انتظاميه کي هدايتون ??اري ڪيون ويون ??هن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪهوٽا ۾ مون ??ون ??ي وڻڪاري مهم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.