اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن مو??ب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 498 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 7 مريض سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ وائرس جي ڪري فوت ٿيا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 23 هزار 218 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن ۾ سنڌ ۾ 8 هزار 155، پنجاب ۾ 8 هزار 725، خيبر??خت??نخوا ۾ 2 هزار 285، اسلام آباد ۾ 2 هزار 844، بلوچستان ۾ 807، گلگت بلتستان ۾ 301، آزاد ڪشمير ۾ 101 ٽيسٽ ڪيا ويا، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿيندڙن جو تعد??د 2 لک 82 هزار 268ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت وينٽي ليٽرز تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي لاءِ مختص ٿيل هڪ هزار 920 وينٽي ليٽرز تي 90 ڪورونا جا مريض آهن، هن وقت سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 8 هزار 909 آهي، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعد??د 2 لک 97 هزار 512 آهي جنهن مان آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 306، بلوچستان ۾ 13 هزار 45، گلگت بلتستان ۾ 2 هزار 948، اسلام آباد ۾ 15 هزار 714، خيبر??خت??نخوا ۾ 36 هزار 414، پنجاب ۾ 97 هزار 44 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 30 هزار 41 مريض آهن.