حڪومت جي 100 ڏينهن واري پلان بابت قوم کي آگاهه ڪيو ويندو: چوڌري فواد حسين

image
APP49-01 ISLAMABAD: November 01 – Federal Minister for Information and Broadcasting Chaudhry Fawad Hussain and Federal Minister for Planning, Development and Reforms Makhdoom Khusro Bakhtiar jointly addressing a press conference. APP photo by Javed Qureshi

اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا 9 نومبر کان حڪومت جي 100 ڏينهن واري پلان جي هدفن ۽ ڪاميابين کي مرحيلوار عوام جي سامهون رکڻ، وزيراعظم جي چين جي دوري ۾ ٽيڪنالاجي منتقلي جي حوالي سان معاهدن ۽ ايم او يوز ڪرڻ، پي آءِ اي ۽ پاڪستان اسٽيل مل جي نئين سرجوڙجڪ جي لاءِ کين نجڪاري جي فهرست مان ڪڍڻ، ميجر جنرل فياض حسين شاهه کي آءِ جي ايف سي نارٿ، ميجر جنرل راحت نسيم الرحمان کي آءِ جي ڪي پي ڪي نارٿ، جسٽس حسنات احمد خان جي ويج بورڊ جي چيئرمين طور مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير خسرو بختيار سان گڏ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهيو هو.

مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر