اسلام آباد – 22 آڪٽوبر اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پاڪستان جي ناميارن ??وانگي واپارين جي هڪ وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزيرن محمد حماد اظهر، سيد علي زيدي، فيصل واوڊا، صلاحڪارن ??بدالرزاق دائود، ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، ڊاڪٽر عشرت حسين، خاص مددگار سيد ذ??ال??قار عباس بخاري، سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر، ايف بي آر جي چيئرمين، اي او بي آءِ جي چيئرمين ۽ سينئر آفيسرن ??رڪت ڪئي. وفد ۾ اوورسيز انويسٽرز چيمبرز آف ڪامرس، پاڪستان بزنس ڪائونسل، آٽوموبيلز سيڪٽر، ٽينرز ايسوسيئيشن، هوزري، فشريز، گارمنٽس، فارماسو??يڪ?? انڊسٽري، اسٽيل، ٽيڪسٽائيل ۽ ٻين صنعتن سان لاڳاپيل مشهور ڪاروباري شخصيتون شريڪ هيون. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب وفد روانگي واپار ۾ اضافي جي ح??ال?? سان حڪومتي پاليسي ۽ قدمن تي وزيراعظم ۽ سندس معاشي ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪيو، وفد وزيراعظم کي ٻڌايو ته حڪومتي پاليسين جي نتيجي ۾ ڪاروباري برادري جو اعتماد بحال ٿيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ معاشي عمل ۾ تيزي آئي آهي.