اسلام آباد – 22 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي غيور عوام پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ??يم) جي جلسي جو بائيڪاٽ ڪري ثابت ڪيو ته ا??ي سياسي بصيرت رکندڙ باشعور ما??هو آهن جنهن تي انهن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، عدالتي حڪم اچڻ جي باوجود مخالف ڌر جو جلسن تي اصرار انهن جي عوام دشمني جي عڪاسي آهي. پي ڊي ??يم جلسي تي ردعمل ڏيندي هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي عوام وزيراعظم عم??ان خان جي اپيل تي نه رڳو پاڻ کي ڪورونا کان محفوظ رکيو پر پي ڊي ??يم جي عوام دشمن ايجنڊا کي پڻ ناڪام بڻائي ڇڏيو، جلسي ۾ ما??هن جي گهٽ دلچسپي ۽ شرڪت خيبرپختونخواهه جي عوام جو مخالف ڌر تي عدم اعتماد جو واضح اظهار آهي.