اسلام آباد – 15 – جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي ميمبر عبدالرشيد ترابي ملاق??ت ڪئي آهي. ملاقات ۾ جماعت اسلامي جو اڳواڻ آصف لقمان قاضي به موجود هو. ڪشمير جي مسئلي سميت سياسي مع??مل?? تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر ڪشمير ۾ جاري ڀارتي ڏوهن جي مذمت ڪندي چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام س??ن ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، اسپيڪر چيو ته ڪشمير ۾ جاري ڏوهن کي بند ڪرائڻ لاءِ عالمي برادري ??نهنجو ڪردار ادا ڪري.