ساهيوال – 29 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قبضا گروپن جي ??لاف ڪارروائي تي پنجاب حڪومت کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير قبضا ختم ڪرائي جهاد ڪيو آهي، قانون جي ??الادستي سان خوشحالي اي??دي آهي، وڏن وڏن ڌاڙيلن تي هٿ وجهڻ تبديلي آهي، هاڻي ڪو به وڏو ڌاڙيل اهو نه ٿو چئي سگهي ته اين آر او ڏيو نه ته حڪومت ڪيرائي ڇڏيندس، سڄي پنجاب جي ??وام کي هيلٿ ۽ انشورنس جي ??هولت ڏني ويندي، صحت کانسواءِ تعليم جي ??رڪاري شعبي کي پڻ بهتر بڻايو ويندو، هلندڙ سال بلدياتي چونڊون ٿينديون جنهن سان مقامي سطح تي مسئلا حل ٿيندا، ساهيوال ۾ انڊسٽريل اسٽيٽ ٺا??ي ويندي، مقامي طور تي تيار ڪيل سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽس هنيا ويندا، زرعي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن احساس ۽ ڪامياب جوان پروگرام تحت چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ۽ سندس ٽيم کي قبضا گروپن جي ??لاف ڪارروائي تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته جهڙي طرح هن قبضا گروپ جا محل ڪيرايا آهن ان تي هو مبارڪباد جو مستحق آهي، قبضا گروپ هڪ لعنت آهي جيڪي غريبن ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي ??مينن تي قبضو ڪن ٿا ۽ انهن کي انهن جي محنت جي ڪمائي کان محروم ڪن ٿا، ماڻهو قبضا گروپن جي ??ڳيان بيوس هوندا هئا.