اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز اڄوڪي ڏينهن عورت ??حافين ??ي به خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته عورت ??حافين پنهنجي قلم جي قوت سان صحافت جي آزادي جي روشن روايتن ??ي برقرار رکيو ۽ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته مي??يا جي ترقي ۽ عوام تائين صحيح معلومات جي فراهمي ۾ مردن وانگر عورت ??حافي به اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. حڪومت صحافين خاص طور تي عورتن جي تحفظ ۽ ڀلائي لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته عورتون ان شعبي ۾ آزاداڻي ۽ بهترين انداز ۾ پنهنجون ذمي??ار??ون سرانجام ڏئي رهيون آهن، انهن لاءِ وڌيڪ سازگار ماحول جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته زينب الرٽ ريسپانس اينڊ ريڪوري قانون ۽ زينب الرٽ ايپ جاري ڪرڻ ٻارن جي تحفظ ۽ سلامتي ۽ کين ڪڌي ظلم کان بچائڻ لاءِ هڪ عملي قدم آهي.