دوشنبي-30 مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي تاجڪستان جي گاديءَ واري شهر دوشنبي ۾ منعقد نائين ”هارٽ آف ايشيا- استنبول پراسيس ڪانفرنس“ جي موقعي ت?? افغانستان جي صدر اشرف غني سان ملاقات ڪئي آهي. ملاقات دوران پاڪ- افغان ٻه طرفن لاڳاپن، افغان امن عمل سميت گ??يل دلچسپيءَ جي مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته خطي خاص ڪر?? افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ ڪيل ڪاوشن ۾ هارٽ آف ايشيا- استنبول پراسيس جي وزارتي اجلاس جو منعقد ٿيڻ هڪ هاڪاري ۽ سٺو قدم آهي.