ڪراچي – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چ??و آهي ته مخالف ڌر جيڪا اليڪشن کٽي وڃي اها شفاف ۽ جنهن ۾ هارائي وڃي ان تي ڌانڌلي جو گوڙ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي ٿي، ڪنٽونمينٽ بورڊ جي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ وڏي ا??ثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندي، وزيراعظم جي هدايت تي عمر ??ري?? جي عيادت جي لاءِ آيا آهيون، عمر ??ري?? اسٽيج جو بادشاهه آهي ۽ قوم جو اثاثو آهي، حڪومت عمر ??ري?? جي ??لا?? جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سدان گڏ آغا خان اسپتال ۾ ناليواري ڪاميڊين عمر ??ري?? جي عيادت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي هن چ??و ته عمر ??ري?? اسٽيج جو بادشاهه ۽ قوم جو اثاثو آهي، حڪومت سندس ??لا?? جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. هن چ??و ته صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان سان عمر ??ري?? جي ??لا?? جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ڊاڪٽرن جو بورڊ جيڪو فيصلو ڪندو، حڪومت ان ۾ تعاون ڪندي، کيس اطمينان بخش ??لا?? جي سهولت فراهم ڪئي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته عمر ??ري?? جي ??لا?? بابت فيصلو ڊاڪٽرن کي ڪرڻو آهي، ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چ??و ته ڪنٽونمينٽ بورڊ جي چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف وڏي ا??ثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته مخالف ڌر جيڪا اليڪشن کٽي وڃي اها شفاف ۽ جنهن اليڪشن ۾ هارائي وڃي ان تي اهي ڌانڌلي جو گوڙ شروع ڪري ڇڏين ٿا. هن چ??و ته اليڪشن ڪميشن جي خلاف سڀ کان پهرين مظاهرو پي ايم ايل اين ڪيو هو، شاهد خاقان عباسي جون تقريرون کڻي ڏسو، اهي هڪ ڏينهن هڪڙي ڳالهه ڪن ٿا ۽ ٻئي ڏينهن سندن موقف ڪجهه ٻيو هوندو آهي. هن چ??و ته اليڪشن ڪميشن جو بنيادي طور تي ڪم پنهنجي غيرسياسي حيثيت کي بحال رکڻ آهي، جيڪڏهن اهي پنهنجي حيثيت وڃائي ويهن ته انهن کي هلي وڃڻ گهرجي، 22 ڪروڙ جي آبادي آهي، اسان اليڪشن ڪرائي سگهون ٿا.