لاهور – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عوامي ڀلائي جي منصوبن، آلودگي جي مسئلن جي حل ۽ وڻڪاري ۾ اضافي جي ذريعي ماحول کي بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن اها هدايت هتي ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي خاص طور تي سهڻو لاهور پراجيڪٽ ۽ ٻين قدمن تي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ پنجاب جي وڏو و??ير سردار عثمان بوزدار، وزيراعظم سياسي معاملن بابت خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، صنعت واري صوبائي و??ير محمد اسل اقبال، بلديات واري صوبائي و??ير ميان محمود الرشيد، تعليم واري صوبائي و??ير ڊاڪٽر مرادراس، ??حت واري صوبائي و??ير ڊاڪٽر ياسمين راشد، پنجاب جي چيف سيڪريٽري ??امران علي افضل، لاهور جي ڪمشنر ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. لاهور جي ڪمشنر ڪيپٽن (ر) محمد عثمان اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سڄي صوبي ۾ سمورن لاڳاپيل صوبائي ادارن پاران صاف پاڻي جي فراهمي، صحت جي شعبي کانسواءِ مرڪزي شاهراهن جي تعمير ۽ مرمت ۽ رنگ روغن تي خصوصي ڌيان ??نو پيو وڃي، ايل ڊي اي، لاهور جي مرڪزي ۽ ننڍن رستن جي ايندڙ ڇهه مهينن ۾ مرمت جو ڪم مڪمل ڪندي، بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته واسا صاف پاڻي جي فراهمي کانسواءِ برسات جي پاڻي جي اسٽوريج لاءِ واٽر ٽينڪس ۽ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽس لڳائڻ تي ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهيو آهي، سڄي صوبي ۾ سرڪاري اسپتالن ۾ صحت جي بنيادي سهولتن جي فراهمي ۽ صحت ڪارڊ جي موثر فراهمي لاءِ محنت سان ??م ڪيو پيو وڃي، لاهور جي ڪمشنر بريفنگ ڏيندي چيو ته سهڻو لاهور پلان تحت شهر جي آلودگي صفائي ۽ ٻين انتظامي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو، وزيراعظم عمران خان لاهور ۾ آلودگي جي مسئلن جي حل لاءِ وڻڪاري تي خصوصي ڌيان ??يڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم عمران خان لاهور ۾ وڻڪاري جي ترغيب لاءِ پلانٽ فار لاهور جي نالي مهم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم عمران خان حڪومت جي عوامي ڀلائي جي منصوبن ۽ ٻين قدمن ۽ وڻڪاري جي اهميت جي باري ۾ عوامي آگاهي تي خصوصي ڌيان ??يڻ جي هدايت ڪئي، وزيراعظم عمران خان اسڪولن ۾ وڻڪاري جي اهميت اجاگر ڪرڻ لاءِ خصوصي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته لاهور جي عوامي ڀلائي ۽ ترقي جي منصوبن، آلودگي جي مسئلن جي حل ۽ وڻڪاري ۾ اضافي جي ذريعي ان جي قدرتي خوشگوار ماحول کي بحال ڪيو وڃي.