اسلام آباد -18 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر شاه محمود قريشي چيو آهي ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان نه صرف پاڪستان بلڪه سڄي خطي لاءِ انتهائي اهميت جوڳو آهي. اجتماعيت جي ح??مل سياسي حل ذريعي افغانستان ۾ امن جو قيام خطي ۾ امن ۽ استحڪام ۽ ترقي لاءِ اڻٽر آهي. اهڙو اظهار هن ڪينيڊين پرڏيهي وز??ر مارڪ گارنيو سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. ڳالهين دوران ٻنهي پرڏيهي وز??رن وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن ۽ افعانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. هن چيو ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افعانستان نه صرف پاڪستان بلڪه خطي لاءِ انتهائي اهم آهي. هن ڪينيڊين پرڏيهي وز??ر کي افغانستان جي صورتحال تي متفقه راءِ عمل جوڙڻ لاءِ ڪيل هاڻوڪي چار ملڪي دوري جي تفصيلن کان آگاه ڪيو. شاه محمود قريشي افغانستان ۾ اجتماعيت جي ح??مل سياسي حل جي ضرورت تي زور ڏيندي افغانستان ۾ امن جي قيام کي خطي جي امن ۽ استحڪام ۽ ترقي لاءِ اڻٽر قرار ڏنو. هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته هو افغانستان جي معاشي ۽ انساني معاونت لاءِ اڳتي وڌن. هن چيو ته پاڪستان، افغانستان ۾ انساني الميي کي ن??ر ۾ رکندي افغانين کي هوائي زميني رستي امدادي سامان جي فراهمي جاري رکي آهي. پرڏيهي وز??ر افغانستان کي امدادي سامان موڪلڻ لاءِ انساني راهداري کولڻ بابت ڪينيڊين هم منصب کي آگاه ڪيو. هن چيو ته عالمي برادري کي انهن ملڪن کي نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي جيڪي وڏي عرصي کان لکين افغان مهاجرين جي ميزباني ڪندا پيا اچن. پرڏيهي وز??ر ٻه طرفن لاڳاپن جي نوعيت تي اطمينان ڪندي انهن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ??زم جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وز??ر چيو ته اسان ڪورونا وبا جي صورتحال م بهتري جي صورت ۾ پاڪستان ۽ ڪينيڊا وچ ۾ ايندڙ سياسي مشاورتي اجلاسن جا منتظر آهيون. پرڏيهي وز??ر ڪينيڊين پرڏيهي وز??ر سان هيملٽن ڪينيڊا ۾ پاڪستاني ڪيندين شهري جي مارجڻ ۽ ان جي 63 سالن جي والد فقير ??لي جي اغوا جو معاملو اٿاريو. ڪينيڊين پرڏيهي وز??ر شاه محمود قريشي کي خاطري ڪرائي ته متاثر خاندان کي انصاف جي فراهمي لاءِ ڪينيڊين حڪومت معاملي جي مڪمل جاچ ڪري رهي آهي. پرڏيهي وز??ر ڪينيڊين هم منصب کان مطالبو ڪيو ته وبائي صورتحال ۾ بهتري کي ن??ر ۾ رکندي شاگردن ۽ ڪاروباري شخصيتن جي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ ويزا ايڊوائيزري تي نظرثاني ڪئي وڃي. ڪينيڊين پرڏيهي وز??ر افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو ۽ ڪابل مان ڪينڊين شهرين جي نيڪالي ۾ پاڪستان طرفان فراهم ڪيل معاونت تي پرڏيهي وز??ر ۽ پاڪستاني قيادت جو شڪريو ادا ڪيو. پرڏيهي وز??ر ڪينڊين هم منصب کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان افغانستان ۾ واپسي جي عمل ۾ معاونت جو سلسلو جاري رکڻ لاءِ پر??زم آهي.