گلگت – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گلگت بلتستان جي عوام کي يوم آزادي تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته گلگت بلتستان جي ماڻهن قربانيون ڏئي پنهنجو ??لائقو ڊوگره راج کان آزاد ڪرايو، اهو علائقو چين پاڪستان اقتصادي راهداري جو گيٽ وي آهي، دنيا ۾ گگلت بلتستان کان وڌيڪ خوبصورت ڪو به علائقو نه آهي، اهڙن خيالن جو ??ظهار وزيراعظم گلگت ۾ يوم آزادي پريڊ کي خطاب ڪندي ڪيو.