اسلام آباد – 16 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شب??ي فراز چيو آهي ته هائوسنگ منصوبي سان معاشي سرگرمين کي فروغ ملندو، نوڪرين جا وسيع موقعا پيدا ٿيندا، غريب ۽ گه?? آمدني وارن ماڻهن کي ڇت ميسر ايندي، تعميراتي شعبي ۾ 400 ارب روپين جا پروجيڪٽ شروع ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، سيڙپڪارن لاءِ 31 ڊسمبر تائين ان سهولت مان فائدو وٺڻ جا بهترين موقعا آهن، هائوسنگ منصوبي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ جامع حڪمت عملي جي ذريعي قدم کنيا پيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي احساس پروگرام جي خ??وص?? صلاحڪار ڊاڪٽر ثانيه نشتر سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، سينيٽر شب??ي فراز چيو ته ڪورونا جي ڪري اسان جي ماڻهن کي اها تڪليف ناهي ڏسڻي پئي جيڪا ٻين ملڪن کي ڏسڻي پئي، هن چيو ته ڪورونا ??ان اڳ معاشي صورتحال بهتر ٿي، جيتوڻيڪ ڪورونا وبا جي ڪري معيشت تي اثر پيا، عوام جي ڀلائي ۽ سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، وبا جي دوران حڪومت عوام کي مشڪلاتن ??ان بچائڻ لاءِ پرعزم رهي، هن چيو ته قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاسن جو مقصد سڀني شعبن ۾ رابطن کي مضبوط ڪرڻ آهي.