اسل??م آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) اين سي او سي جو خصوصي اجلاس پشاور ۾ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر ??ي صدارت ۾ ٿيو جنهن جي ميزباني خيبرپختون??وا??ه جي وڏي وزير محمود خان ڪئي. اجلاس ۾ اين سي او سي جي خصوصي ٽيم ۽ صوبائي چيف سيڪريٽرين کانسواءِ ٻين صوبن جي عهديدارن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ قرباني جي عيد جي موقعي تي جانورن جي منڊين جي حوالي سان ايس او پيز ۽ انتظامن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ان سان گڏوگڏ وبا جي موجوده صورتحال کي ڏٺو ويو. عوام جو تفريح ۽ سياحتي ماڳن طرف رخ ڪرڻ جي رجحان ۾ گهٽتائي جي لاءِ قدمن تي غور ڪيو ويو. سمارٽ لاڪ ڊائون، هاٽ اسپاٽ جي حوالي سان اپ ڊيٽ ڏني وئي. خيبرپختون??وا??ه جي وڏي وزير محمود خان اين سي او سي جي ٽيم ۽ ٻين اعليٰ عملدارن کي پشاور اچڻ تي ڀليڪار چيو. هن منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر ??ا خيبرپختون??وا??ه جي ڪورونا وائرس کي روڪڻ جي حوالي سان ڪوششن کي ساراهڻ تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته هو ان ڪاميابي جو سهرو پنهنجي سڄي ٽيم جي نالي ڪري ٿو. وڏي وزير اين سي او سي فورم کي ساراهيندي چيو ته اين سي او سي جو قيام مستقل طور تي رهڻ گهرجي ته جيئن ڪنهن به ايمرجنسي جي صورت ۾ صوبن سان ڪوآرڊينيشن ڪئي وڃي ۽ ان کي بهتر طريقي سان منهن ڏنو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ٽوئررزم جي حوالي سان خيبرپختون??وا??ه جي حڪومت تي تمام گهڻو دٻاءُ وڌو پيو وڃي ڇو ته ٽوئرازم خيبرپختون??وا??ه جي معيشت جو اهم ح??و آهي. جيتوڻيڪ اين سي او سي جي هر فيصلي کي قبول ڪندي ان تي جيئن جو تيئن عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو.