اسلام آباد / حافظ آباد – 12 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? آهي ته وزيراعظم عمران خان آچر تي حافظ آباد ۾ تاريخي عوامي جلسي کي خطاب ڪندو، وزيراعظم عمران خان آچر ڏينهن حافظ آباد جو دورو ڪندو ۽ حافظ آباد ۾ سڀ کان وڏي عوامي ميڙ کي خطاب پڻ ڪندو. حافظ آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? ته حافظ آباد ۾ هڪ يونيورسٽي ۽ اسپتال قائم ڪئي ويندي. ان کانسواءِ حافظ آباد ضلعي ۾ اربين رپين جي ترقياتي منصوبن تي ڪم جاري آ??ي. مخالف ڌر تي تنقيد ڪندي هن چي?? ته مافيا پاڪستان جو هر هڪ ادارو کوکلو ڪري ڇڏيو آهي. هن چي?? ته ماضي جي حڪمرانن ٻاهرئين ملڪ اربين رپين جون پراپرٽيون ٺاهيون. فرخ حبيب وڌيڪ چي?? ته نواز شريف، شهباز شريف ۽ آصف علي زرداري پنهنجي غيرقانوني دولت کي محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چي?? ته ماضي جو حڪمران طبقو قومي مفادن تي ذاتي مفادن کي ترجيح ڏيندو رهيو آهي ۽ هر شخص ڄاڻي ٿو ته ميمو گيٽس اسڪينڊل ۾ آصف علي زرداري ڪهڙي ملڪ کان مدد طلب ڪئي هئي. مملڪتي وزير چي?? ته بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿيندي. هن وڌيڪ چي?? ته مخالف ڌر ملڪ ۾ افراتفري پکيڙڻ چاهي ٿي. فرخ حبيب چي?? ته پاڪستان تيزي سان ترقي جي رستي تي گامزن هو پر مخالف ڌر کي ملڪ جي اها ترقي هضم نه ٿي. هن چي?? ته ڪنهن کي به ملڪ ۾ بدامني پکيڙڻ جي اجازت نه ڏينداسين. فرخ حبيب چي?? ته وزيراعظم عمران خان قومي دولت چوري ڪري ملڪيتون ٺاهڻ جي لاءِ اقتدار ۾ نه آيو هو. هن چي?? ته ماضي ۾ پاڪستان ۾ 400 ڊرون حملا ڪيا ويا جڏهن ته وزيراعظم عمران خان قوم کي ڪنهن جي آڏو جهڪڻ جي اجازت نه ڏني آ??ي. هن چي?? ته اسان سمورن ملڪن سان سٺن لاڳاپن جا خواهشمند آهيون پر قومي وقار تي ٺاهه نه ڪنداسين. مملڪتي وزير چي?? ته مخالف ڌر غلاماڻو ذهن رکندڙ آهي جيڪا عالمي برادري آڏو ڳالهائي به نه ٿي سگهي. فرخ حبيب وڌيڪ چي?? ته وزيراعظم عمران خان پوري دنيا ۾ بهادري سان پاڪستان جي عزت ۽ احترام ۾ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. هن چي?? ته هن وقت پوري دنيا کي ناڻي واڌ درپيش آهي. تيل جي عالمي قيمتن ۾ اضافي جي باوجود حڪ??مت پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون گهٽ ڪيون آهن. فرخ حبيب چي?? ته مختلف معاشي مسئلن تي ضابطو آڻي ملڪ صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي جن بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي آ??ي اهي سمورا بدعنوان آهن.