اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 14 ڊسمبر تي پائيدار ترقي بابت اداري (ايس ڊي پي آءِ) جي اهم سالياني پائيدار ترقي ڪانفرنس جو افتتاح ڪندو. ڪوويڊ – 19 دوران پائيدار ترقي، جي عنوان هي?? اهم چئن ڏينهن واري ڪانفرنس جي پڄاڻي 17 ڊسمبر تي وزيراعظم عمران خان جي پڄاڻي ??اري خطاب سان ٿيندي. آن لائن ڪانفرنس دوران ترقي يافته ۽ اسرن??ڙ ملڪن جي وچ ۾ پائيدار ترقي جي لاءِ تعاون، هدفن ۽ انساني زندگي ۾ بهتري جا موضوع بحث هيٺ ايندا. اميد ڪئي پئي وڃي ته ڪانفرنس ۾ پاڪست??ن ۽ دنيا جي ڪيت??ن ئي ملڪن مان مختلف شعبن سان تعلق رکن??ڙ ماهر شرڪت ڪندا.