اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي ماءُ ۽ ٻار جي صحت ۽ غذائي کوٽ تي ضابطو آڻڻ جي ض??ور?? تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻارن جي پيدائش ۾ وقفي سان آبادي جي مسئلي تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، ان مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سمورين لاڳاپيل ڌرين جي وچ ۾ ٺوس رابطن ۽ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي ض??ور?? آهي، آبادي جي تصديق ٿيل انگن اکرن سان مستقبل بابت ٺوس منصوبابندي ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آبادي بابت سيمينار کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي چيو ته هن وقت پاڪستان کي ڪورونا وبا جي ٻي لهر درپيش آهي، اسان کي ان وبا کان بچڻ جي لاءِ ايس او پيز تي ڀرپور طريقي سان عملدرآمد ڪرڻ گهرجي، مون به م??سڪ پاتو آهي ۽ عوام کي به عوامي جاين تي م??سڪ پائڻ گهرجي، بار بار هٿ ڌوئڻ گهرجن ۽ سماجي فاصلي جو خيال رکڻ گهرجي.