اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته ملڪ جي معاشي ۽ سماجي ترقي ۾ نوجوان پارليامينٽرين جو ڪردار اهم اهميت رکندڙ سمجهيو ويندو آهي ڇو ته م??ڪي آبادي جو وڌيڪ حصو نوجوانن تي مشتمل آهي، نوجوان پنهنجون توانايون استعمال ۾ آڻي ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ينگ پارليامينٽري فورم (وا??ي پيف ايف)، پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار پارلياماني سروسز (پيپس) ۽ پائيدا?? سماجي ترقي جي تنظيم (ايس ايس ڊي او) جي وچ ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن جي تقريب جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو ته ملڪ کي درپيش چئلينجن جي حل لاءِ نوجوانن جي ??رڪ?? ضروري آهي، هن چيو ته پائيدار معاشي ۽ سماجي ترقي نوجوانن جي فعال ??رڪ?? جو مطالبو ڪري ٿي، هن چيو ته پي آءِ پي ايس نوجوانن پارليامينٽ ميمبرن جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ موثر پليٽ فارم مهيا ڪري سگهي ٿو ته جئين ايوان جي ڪارروائي دوران سندن ??رڪ?? کي وڌيڪ معنيٰ خيز بڻائي سگهجي.