اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) ڀارتي ناظم الامور کي پرڏيهي وز??رت ۾ طلب ڪيو ويو ۽ آزاد ڪشمير جي ضلعي ڪوٽلي جي ڳوٺ اولي جي رهواسي 60 سالا شهري غياث جي ڀارتي فوج جي فائرنگ جي نتيجي ۾ شهادت تي پاڪستان جو سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، اهو واقعو 21 آگسٽ 2023ع تي لائين آف لائی_جنگیں/121984.html">ڪنٽرول (ايل او سي) جي نڪيال سيڪٽر ۾ پيش آيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان لائين آف لائی_جنگیں/121984.html">ڪنٽرول تي امن امان کي برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چ??و ته اهڙي قسم جون ڪارروايون 2003ع جي سيز فائر مفاهمت جي واضح خلاف ورزي آهن، جنهن جي فيبروري 2021ع ۾ تجديد ڪئي وئي هئي. بيان موجب ان ڳالهه تي زور ڏنو و??و ته ڀارتي فوج کي انتهائي احتياط ڪرڻ گهرجي ڇو ته معصوم شهرين کي نشانو بڻائ?? انساني وقار ۽ عالمي انساني حقن ۽ انساني قانونن جي ابتڙ آهي. ڀ??رت تي زور ڏنو و??و ته هو واقعي جي جاچ ڪري ۽ سيز فائر مفاهمت جو احترام ڪري.