اسلام آباد – 11 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ????رف علوي چيو آهي ته پاڪ فوج ۽ قوم جي ڪوششن سان دهشتگردي کي شڪست ٿي آهي ۽ سيڪيورٽي صورتحال بهتر ٿيڻ سبب ملڪ ۾ سياحت کي فروغ مليو آهي، والاريل ڪشمير ۾ ڀارت ڪشميرين تي ظلم ڪري رهي آهي، ڀارت ۾ مسلمانن سميت سموريون اقليتون غير محفوظ آهن. آزاد ڪشمير جي خوبصورت منظرن جي تصويرن جي ذريعي جيڪا منظر ڪشي ڪئي وئي آهي ان سان عالمي سطح تي پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن تصويري ??مائش جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.