اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان چيو آهي ته ڀارتي قيادت جي جنگي ??نو?? ۽ زميني جارحاڻي قدمن سان امن ۽ سلامتي لاءِ خطرا پيدا ٿيا آهن، ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي جي منصفاڻي حل سان ئي ڏکڻ ايشيا ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام کي ي??ين?? بڻائي سگهجي ٿو، عالمي برادري ??الاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت طرفان انسانيت جي خلاف ڏوهن جي باري ۾ آگاهي پکيڙڻ ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب مسئلي جي حل لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وجهي، ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي ان جي جائز خودمختياري ??اري حق کي حاصل ڪرڻ تائين ڪشميري عوام جي حمايت جاري رکنداسين. اها ڳالهه هن برطانوي پارليامينٽ جي آل پارٽيز پارلياماني ڪشمير گروپ (اي پي پي ڪي جي) جي وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي.