اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ت?? 2020ع عوا?? کي نوڪريون ڏيڻ ۽ واڌويجهه جي شرح وڌائڻ جو سال آهي، ماضي ۾ عام ماڻهو جي لاءِ ڪجهه نه ڪيو ويو، اسان جو سڄو ڌي??ن هيٺئين طبقي جي ڀلائي تي آهي، ڳوٺن جي عوام لاءِ پڻ روزگار جا موقعا، فنانسنگ ۽ وسيلا مهيا ڪنداسين، گهٽ آمدني وارن طبقن جي لاءِ هائوسنگ ج?? منصوبن تي تيزي سان ڪم ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گهٽ لاڳت گهرن جي فراهمي لاءِ بنا وياج جي قرضن جي فراهمي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.