ڪراچي – 07 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪراچي پاڪستان جو وڏو واپاري مرڪز آهي، ڪراچي جي ??رقي پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، نئين بلدياتي نظام تحت وڏن شهرن جو پنهنجو نظام هوندو، ڪراچي پاڪستان جو حب آهي، هتان جي ??رقي پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، ڪراچي بهتر ٿيندو ته پاڪستان بهتر ٿيندو، گذريل حڪومت جي ??ور ۾ پنجاب جا 50 سيڪڙو فنڊز لاهور تي خرچ ٿيا، لاهور بهتر ٿيو پر باقي علائقا ترقي کان محروم رهيا، اسان اهڙو بلدياتي نظام آڻي رهيا آهيون جنهن تحت ميئر ۽ ناظم جي ??نڌي سنئين چونڊ ٿيندي. گورنر هائوس ڪراچي ۾ مختلف ترقياتي منصوبن جي ??فتتاحي تقريب ??ي موقعي تي پنهنجي وڊ??و پيغا?? ۾ ??زيراعظم چيو ته هو موسم خراب هجڻ سبب ان تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ ڪراچي نه اچي سگهڻ تي ڪراچي جي ماڻهن سان معذورت خواه آهي. ڪراچي اچڻ جو مقصد ڏيڍ سالا اقتدار جي ??ور ۾ ڪراچي ۾ شروع ڪي?? 5 منصوبن جو افتتاح ڪرڻو هو جن ۾ ٽن فلائي اوورز ۽ ٻن رستن جي ??عمير شامل هئي.