سي??لڪ??ٽ – 05 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اٽي ۽ کنڊ جي مصنوعي کوٽ پيدا ڪرڻ جي ذميوارن جي رپورٽ عام ڪري هڪ جهڙو قانون لاڳو ڪرڻ جو واعدو پورو ڪيو آهي، وزيراعظم پنهنجي پارٽي کان خود احتسابي جو عمل شرو?? ڪري ڇڏيو، فرانزڪ آڊٽ ذريعي سموريون حقيقتون عوام تائين پهچايون وينديون ۽ جيڪي ذميوار هوندا انهن خلاف قانوني ڪارروا??ي ٿيندي، شريف گروپ جي حقيقت به هن رپورٽ ظاهر ڪري ڇڏي آهي، رپورٽ تي تنقيد کان اڳ شهباز شريف کي پنهنجي گريبان ۾ جهاتي پائڻ گهرجي، وزيراعظم پورهيتن جي لاءِ اربين رپين جو مثالي پئڪيج ڏنو، عالمي معاشي بحران جي ڪري پاڪستاني ??نع??ڪار به مشڪلاتن جو شڪار آهن، منافعي خوري ۽ مصنوعي کوٽ پيدا ڪندڙن تي ڪڙيءَ نظر رکي ويندي. هو سي??لڪ??ٽ ۾ صحافين سان ڳالهائي رهي هئي.