اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سڀاڻي ڇنڇر کا?? لاڪ ڊائون کي مرحليوار ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ان جي ڪ??ي عام ماڻهو جي زندگي مشڪل ۾ آهي ۽ ننڍي ۽ وچين درجي جي ڪ??روباري طبقي، ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدورن، پورهيتن، دڪاندارن، رڪشي ۽ ٽيڪسي ڊرائيورن سميت هيٺئين درجي جي طبقي کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏي??و پئجي رهيو آهي، عوام ايس او پيز جي سختي سان پاڻمرادو پابندي ڪ??ي، پوليس ذريعي ڇاپا هاڻي اهو مسئلو حل نه ٿو ڪري سگهجي، پبلڪ ٽرانسپورٽ کولڻ تي صوبن جا خدشا آهن، انهن کا??سواءِ فيصلا نه ٿا ڪرڻ چاهيون، صوبن سان مشاورت جاري رکنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس کا??پوءِ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته 26 فيبروري تي ڪورونا جو پهريون ڪيس سامهون آيو، 13 مارچ تي جڏهن ملڪ ۾ رڳو 26 ڪيس هئا ته حڪومت لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ۽ تڏهن کا?? اڄ تائين حڪومت مختلف قسم جي ميڙن ۽ عوامي ميڙ وارين جاين کي بند ڪيو آهي. هن چيو ته اهو وائرس تيزي سان پکڙجي ٿو ۽ تمام جلدي هڪ کا?? ٻئي ماڻهو کي منتقل ٿئي ٿو، ان لاءِ ان جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جو ذريعو سماجي فاصلو ئي آهي.